حافظ علي گل ٻرڙو

حافظ علي گل ٻرڙو: نامياري شاعر ۽ سگھڙ حافظ علي گل ولد محمد اسماعيل ٻرڙي ڳوٺ پير جان محمد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1952ع ڌاري جنم ورتو. سندس تعلق بنيادي طور تي هڪ مذهبي گھراڻي سان هو ،جنهنڪري کيس ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف مدرسن ۾ ويهاريو ويو، هن ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ قرآن پاڪ پڻ حفظ ڪري ورتو. حافظ غلام قادر ٻرڙي مئٽرڪ تائين نصابي تعليم پڻ حاصل ڪئي.
حافظ علي گل ٻرڙي جو والد محمد اسماعيل ٻرڙو لوڪ ادب سان دلچسپي رکندڙ هو، جنهنڪري کيس به لوڪ ادب سان دلچسپي پيدا ٿي. حافظ علي گل ٻرڙو لوڪ ادب جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو، ان کان علاوه هن حمد، نعت، غزل ۽ نظم تي پڻ ڪافي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي رنگ ۽ مزاحمتي عنصر پڻ نمايان نظر اچي ٿو. حافظ علي گل ٻرڙو سنڌ سميت بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به لوڪ ادب جي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جڏهن ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي لوڪ ادب جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي.


لفظ حافظ علي گل ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو